پٺا يا مشڪون

پٺا يا مشڪون

پٺا يا مشڪون

پٺا يا مشڪون (Muscles): انساني جسم اٽڪل 206 هڏين ۽ 500 مشڪن سان پوري طرح ڍڪيل آهي. انهن مشڪن جي ذريعي ئي بدن جي شڪل ۽ ان جي حرڪت يا چرپر وجود ۾ اچي ٿي. جتي به ڪا اهڙي هڏي هجي، جيڪا چرپر ڪري سگھندي هجي، ته ان لاءِ ايئن سمجھڻ کپي ته ان هڏيءَ کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ ڪا نه ڪا مشڪ ضرور موجود آهي. انساني ڍانچو هڪ مشين مثل آهي، جنهن ۾ مشڪون تارن، ڏورين ۽ پٺن جي حيثيت رکن ٿيون، جن کان سواءِ مشين جو هلڻ ناممڪن آهي. مشڪون ڏورين وارين تندن جي ميڙ مان ٺهيل ٿين ٿيون، جيڪي ڄڻ ته ڌاڳي جي ڳٺڙين يا جھڳٽن وانگر هونديون آهن. جسم جي سڀني مشڪن جي نقل ۽ حرڪت، دماغ جي اثر هيٺ ۽ تابع هوندي آهي. سڀ مشڪون هڪٻئي سان اهڙو گھاٽو لاڳاپو رکن ٿيون، جو هڪ جي سوس ٻين مشڪن جي سوس جو باعث بڻجيو وڃي، هر مشڪ جي جسم جي ان حصي ۾ ئي هڪ ٻي مخالف مشڪ هوندي آهي، ٻانهن يا ٽنگن جي جوڙن کي موڙڻ وارين مشڪن جي مقابلي ۾ ٻيون مشڪون به ٿين ٿيون، جيڪي جوڙ کي سڌي ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. اهڙيءَ طرح هر ان مشڪ جي لاءِ جيڪا جسم جي ڪنهن به حصي کي مٿي ڪري ٿي، هڪ ٻي مشڪ ٿئي ٿي، جيڪا ساڳئي عضوي يا حصي کي هيٺ ڪري ٿي. چرپر جي عمل دوران هنن مشڪن کي پنهنجي صورت بدلائڻي پوندي آهي.گھڻو ڪري هڪ يا هڪ کان وڌيڪ مشڪون ساڳيو ڪم ڪن ٿيون، انهيءَ ڪري هر مشڪن جي سيٽ جو هڪ خاص ڪم ٿئي ٿو. گول، ڦٽل، ڊگھين، نرم ۽ تراشيل مشڪن جي ورثي ۾ جسم کي ڍڪڻ جو ڪم مليل آهي. اهڙيءَ طرح ڪيئي مشڪون اهڙيون به ٿين، جيڪي وٽ يا وڪڙ کائي ٻٽيون ٿيو وڃن ۽ ڪي مشڪون هڏن جي چئن پاسن کي چهٽيل ٿين ٿيون ۽ ڪي انهن ئي جي مٿان گذرن ٿيون ته ڪي وري، هڏن ۽ مشڪن جي وچ ۾ پکڙيل ٿين ٿيون. ايتري پيچيدگيءَ جي باوجود اسان جو جسم هڪ باقاعدي نظام هيٺ ڪم ڪري ٿو. مشڪون گڏجي هڪ خاص ڪم ڪنديون آهن، انهيءَ ڪري انهن تي نالا به سندن ڪم مطابق رکيا ويا آهن، هيٺ مشڪن جا خاص قسم ڏجن ٿا:
(1) موڙيندڙ مشڪون (Flexor Muscles): هي مشڪون ٻانهن ۽ ٽنگن ۾ گھڻي قدر ٿين ٿيون، انهن جو ڪم جسم جي هڪ حصي کي ٻئي حصي سان موڙي ملائڻ آهي.
(2) پکيڙيندڙ مشڪون (Extensor Muscles): هنن مشڪن جو ڪم بدن جي حصن کي ڦهلائڻ يا پکيڙڻ ۽ هڪٻئي کان جدا ڪرڻ آهي. هي به گھڻو ڪري ٻانهن ۽ ٽنگن ۾ هونديون آهن.
(3) ويجھو آڻڻ واريون مشڪون ( Addictor Muscles): هي مشڪون به ٽنگن ۽ ٻانهن ۾ ٿين ۽ انهن کي بدن طرف آڻڻ جو ڪم ڪن ٿيون.
(4) پري ڪرڻ واريون مشڪون (Abolucter Muscles): هنن جو ڪم ٽنگن ۽ ٻانهن کي بدن کان پري ڪرڻ آهي، جنهنڪري هي به ٽنگن ۽ ٻانهن ۾ ٿين ٿيون.
(5) ڦيرائيندڙ مشڪون (Rotater Muscles): هي مشڪون ڳچيءَ، آڳوٺي، ٻانهن ۽ ٽنگن وغيره ۾ موجود ٿين ٿيون ۽ کين هڪ کان ٻئي طرف ڦيرائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. هيٺ ڪجهه خاص ۽ اهم تابعدار مشڪن جو بيان ڪجي ٿو:
(i). منهن ۽ مٿي جون مشڪون: منهن جو مشڪون نهايت ديانتدار هونديون آهن. جڏهن اسين ڪنهن به تاثر کي لڪائڻ چاهيندا آهيون ته هي منهن جون مشڪون اسان جو سڄو راز ظاهر ڪري رکنديون آهن. جيئن جيئن اسان جي عمر وڌندي ويندي آهي، تيئن تيئن هنن مشڪن تي اسان جو ضابطو گھٽبو رهندو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن اسين اوڇنگارون ڏئي روئيندا آهيون، تڏهن زور ڏئي کلڻ مشڪل هوندو آهي. هي منهن جون ننڍيون، نرم ۽ سنهيون مشڪون هونديون آهن، جيڪي سڄي چهري تي پکڙيل هونديون آهن.
(ii) ڪياڙيءَ ۽ پيشانيءَ واري مشڪ (Occipito Frontalis Muscle): هيءَ مشڪ پيشانيءَ واري هڏي مان نڪري، نراڙ واري چمڙي ۾ ختم ٿئي ٿي. هن جو ڪم پيشاني ۽ ڀرون جي چمڙيءَ کي چورڻ پورڻ آهي.
(iii) اک واري مشڪ (Orbicularis Oculi Muscle): هيءَ مشڪ پيشاني ۽ مٿي واري هڏن مان نڪري ڇپرن جي چمڙيءَ ۾ ختم ٿئي ٿي ۽ اک کي کولڻ ۽ بند ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
(iv) چوسڻ واري مشڪ (Buccinator Muscle): هيءَ مشڪ، مٿئين ڄاڙي ۽ هيٺئين ڄاڙيءَ وارن هڏن مان نڪري، هڪ ٻي مشڪ ٺاهي ٿي. جنهن کي وات واري مشڪ (Orbicularis Oris Muscle) چئبو آهي. چوسڻ واري مشڪ جو ڪم چوسڻ ۽ چٻاڙڻ ۽ وات واري مشڪ جو ڪم وات کي کولڻ ۽ بند ڪرڻ آهي.
(v) چٻاڙڻ واري مشڪ (Masseter Muscle): هي مشڪون هيٺئين قابل حرڪت ڄاڙيءَ کي مٿين ناقابل حرڪت هڏن سان ڳنڍين ٿيون ۽ اها طاقت پيدا ڪن ٿيون، جنهن سان چٻاڙڻ جو ڪم ورتو وڃي.
(2) ڳچيءَ واريون مشڪون (Muscles of Neck):
(i) ڳچيءَ واريون مشڪون (Sterno Mastoid Muscle): سڄي بدن جي مشڪن جو چوٿون حصو مشڪون، انسان جي چهري ۽ ڳچيءَ ۾ ٿين ٿيون. ڳچيءَ واري مشڪ کوپڙيءَ جي پاڙ ۽ ڪن جي پٺيان نڪري ٿي. هيءَ رٻڙ جي نليءَ وانگر ٿئي ٿي، جيڪا وچ ۾ ٿورو سڄيل يا اڀريل هوندي آهي. هي ٻيئي مشڪون ڳچيءَ جي ٻنهي طرفن ٿين، ڇاتي واري هڏي ۽ هسلي واري هڏي تائين ختم ٿين ٿيون.
(ii) ٽرئپيزيس مشڪ ( Trapazius Muscle): هيءَ مشڪ ڪياڙيءَ واري هڏي ۽ پٺيءَ وارن ريڙهه جي هڏن مان نڪري، هسلي ۽ ڪلهي واري ڦڻيءَ ۾ ختم ٿئي ٿي. هيءَ ڳچيءَ ۽ ڪلهي کي پوئتي ۽ ٻانهن کي مٿي ڪرڻ جو ڪم ڏئي ٿي.
(3) ڇاتيءَ واريون مشڪون (Muscles of Thorax):
(i) سيني واري مشڪ (Pectoralis Major Muscle): هي مشڪ گھڻين ئي مشڪائين پٽين تي مشتمل ٿئي ٿي. هي مشڪ هسلي جي هڏي مان نڪري، هيٺئين طرف ڦهلجي وڃي ٿي ۽ سيني جي هڏي جي پاسي ۾ ٻاهر جي طرف پاسرين جي ستينءَ هڏيءَ مٿان وڃي ختم ٿئي ٿي. هنن مشڪائين پٽين جا ٻاهريان ڇيڙا، مٿئين پاسي وٽ کائي، ٻانهن جي هڏي جي مٿئين پاسي سان چهٽيل ٿين ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو هنن جو ڪم ٻانهن کي اندر آڻڻ آهي. جڏهن ٻانهن کي مٿي کڻجي ٿو تڏهن هنن مشڪائين پٽين جو وٽ يا وڪڙ کلي پوي ٿو.
(ii) پاسرين واريون مشڪون ( Intercostal Muscles): ٻن انجڻن وانگر مسلسل ڪم ڪندڙ پاسراٽين واريون مشڪون پاسراٽين جي پڃري کي مٿي ۽ هيٺ ڪيرائين ٿيون ته جيئن اسين ساهه کڻي سگھون. انهن کي ”پاسراٽين جو درمياني مشڪون“ چئجي ٿو.
(4) پيٽ واريون مشڪون (Abdominus Muscles):
(i) هي مشڪون تعداد ۾ ڪل اٺ آهن، جي هڪٻئي جي هيٺان مٿان، سامهون ۽ آسي پاسي رکيل آهن، هي پيٽ جي اندرين عضون خاص طور هاضمي وارن عضون جي حفاظت ڪن ٿيون ۽ اڳتي، پوئتي ۽ جھڪڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. هنن مشڪن جي درست هجڻ ڪري ئي اسين تازا، توانا ۽ چست و چوبند رهندا آهيون.
(ii) ليٽيسمس ڊارسي مشڪ (Latissmus Dorsi Muscle): هيءَ مشڪ ڪلهي واري ڦڻيءَ جي مٿئين حصي، پٺيءَ ۽ چيلهه جي ريڙهه هڏي مان نڪري، ڏوري واري هڏي ۾ ختم ٿئي ٿي ۽ ٻانهن کي پٺيان ۽ مٿي ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
(5) ٻانهن جون مشڪون (Muscles of Arms): ڪلهي واري مشڪ (Deltoid Muscle): ٻانهن کي مٿي کڻڻ لاءِ نهايت ئي اثر وارو زور استعمال ڪرڻو پوي ٿو. اها مشڪ جيڪا ڏکيو ڪم ڪري ٿي، سا ڪلهي تي اڀريل نظر ايندي آهي. هن ئي مشڪ کي جسم ۾ وڌ ۾ وڌ ڪم ڪرڻو پوي ٿو. هن کي ڪلهي واري مشڪ ڪري چئبو آهي.
(6) موڙيندڙ مشڪون (Flexor Muscles): هي مشڪون ڪل ست آهن. هي بڪ منجهه سامهون رکيل آهن، جن مان چار مٿان ۽ ٽي هيٺان رکيل آهن. مٿيون رکيل مشڪون ڏوري واري هڏي جي هيٺئين حصي ۾ بڪ جي اندرئين پاسي واري هڏي (Ulna) جي مٿئين حصي کان نڪري، تريءَ وارن هڏن (Metacarpal Bones) ۾ ختم ٿين ٿيون. هي مشڪون ڪرائيءَ کي اندرين پاسي موڙين ٿيون.
(7) پکڙيندڙ مشڪون (Extensor Muscles): هي تعداد ۾ يارهن آهن. هي بڪ ۾ پٺئين پاسي ٿين ٿيون. انهن مان ڇهه مٿان ۽ پنج هيٺان ٿين ٿيون. مٿيون مشڪون ڏوريءَ جي هڏي جي هيٺئين حصي کان نڪري، تريءَ وارن هڏن ۾ ختم ٿين ٿيون. هنن جو ڪم ڪرائيءَ کي پوئين پاسي موڙڻ آهي.
(8) ٽنگن جون مشڪون (Muscles of Leg):
(i) اليوسواس مشڪ (Illio Psoas Muscle): هي مشڪ ٻن مشڪن جي ملڻ سان ٺهي ٿي ۽ چيلهه جي ريڙهه هڏين مان نڪري، سٿر واري هڏي ۾ ختم ٿئي ٿي. هن جو ڪم سٿر کي پيٽ طرف آڻڻ آهي.
(ii) ڪارڊيسپيس مشڪ (Quardiceps Muscle): هي چار مشڪون سٿر ۾ سامهون واري پاسي ٿين ٿيون. هي سٿر واري هڏي کان نڪري، نري جي هڏي ۾ ختم ٿين ٿيون ۽ گوڏي کي سڌو رکن ٿيون.
(iii) سارٽوريس مشڪ (Sartorious Muscle): هي مشڪ بدن ۾ سڀ کان وڏي آهي، جا ڍاڪ واري هڏي جي هڪ حصي کان نڪري، نري واري هڏي ۾ ختم ٿئي ٿي. هي سٿر کي موڙڻ ۽ ٽنگ کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
(iv) نزديڪ آڻيندڙ مشڪون (Adductor Muscles): هي ٽي مشڪون آهن، جيڪي ڍاڪ واري هڏي جي lschium ۽ Rubic حصي کان نڪري، سٿر جي هڏي وٽ ختم ٿين ٿيون. هي ٽنگ کي اندرئين پاسي آڻڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.
(v) سٿر جي پويان واريون مشڪون (Hamstring Muscles): هي مشڪون سٿر ۾ پويان هونديون آهن ۽ ڪل ٽي آهن. سٿر جي هڏي ۽ ڍاڪ جي هڏي جي Ischium حصي مان نڪري، نري ۽ پٺيءَ وارن هڏن ۾ ختم ٿين ٿيون. هي گوڏي کي موڙڻ جو ڪم ڪن ٿيون.
(vi) چتڙ واريون مشڪون (Gluteus Muscles): هي ٽي مشڪون آهي ۽ پويان چتڙ ٺاهين ٿيون. هي سٿر کي پوئتي ۽ ٻاهرئين پاسي ڪرڻ ۾ مدد ڪن
(vii) موڙيندڙ مشڪون (Flexor Muscles): هي ڪل ست آهن ۽ ٽنگ ۾ پوئين پاسي ٿين ٿيون. ٽي مٿيون، جيڪي سٿر واري هڏي ۽ پٺيءَ واري هڏي کان نڪري، مري جي هڏي (Trasal) ۾ ختم ٿين ٿيون. چار هيٺيون مشڪون، جي نري ۽ پٺي وارن هڏن مان نڪري، پير جي تري وارن هڏن (Metatarsal) ۽ آڱرين وارن هڏن ۾ ختم ٿين ٿيون. هي پير جي آڱرين ۽ مري واري سَنڌن کي هيٺ موڙين ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو